دارا شڪوه 1

دارا شڪوه 1

دارا شڪوه 1

دارا شڪوه 1: دارا شڪوه، مغل شهنشاهه شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ اورنگزيب عالمگير جو ڀاءُ هو. سندس پورو نالو محمد داراشڪوه هو، جنهن جو جنم 20 مارچ 1615ع تي خواجه معين الدين چشتيءَ جي نگريءَ اجمير شريف ۾ ساگر تلاءَ جي محل ۾ شاهجهان بادشاهه جي گھر ۾ ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ’ممتاز محل‘ هو. دارا جو ننڍپڻ، شهنشاهه جهانگير وٽ گذريو. 1627ع ۾ شاهه جهان تخت نشين ٿيو. هو 13 ورهين جي ڄمار ۾ آگري موٽيو. باقي تعليم جو سلسلو شاهجهان جي نگرانيءَ ۾ پورو ڪيائين. دارا جيڪا به تعليم ۽ ساڃاهه حاصل ڪئي، ان جو بنيادي مقصد هندستان جي وسيع تر مفاد ۾ هندومت ۽ اسلام جي وچ ۾ ايڪتا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي سچ سان ٻنهي مذهبن وچ ۾ باهمي تعلق ۽ ربط پيدا ڪرڻ هو. 1633ع ۾ کيس ولي عهد بڻايو ويو. 1654ع ۾ الهه آباد ۾ صوبيدار مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد پنجاب، ملتان ۽ بهار جا علائقا سندس حوالي ڪيا ويا.
1649ع ۾ ايرانين قنڌار تي قبضو ڪيو. شاهجهان قنڌار جي واپسيءَ لاءِ دارا جي قيادت ۾ وڏو لشڪر موڪليو، پر هن مهم ۾ دارا کي ناڪامي نصيب ٿي ۽ ڪمانڊر جي حيثيت ۾ دارا جي ساک متاثر ٿي. دارا شڪوه ۽ سندس ننڍي ڀاءُ اورنگزيب عالمگير وچ ۾ سالن کان نفاق هلندو ٿي آيو. شاهجهان جي وڏي پٽ هجڻ سبب تخت ۽ تاج، دارا جي حوالي هو. ان ڪري عالمگير سندن خلاف هو. باقي ڀائر ۽ ڀينرون ڪجهه دارا شڪوه جا ۽ ڪجهه عالمگير جا همدرد هئا. سندس پيءُ شاهجهان 1047هه/ 1637ع ۾ بيمار ٿي پيو ته ٻنهي ڀائرن وچ ۾ تخت ۽ تاج تان جيڪا ڪشمڪش هلندي پئي آئي، سا بادشاهه جي بيماريءَ سبب ڪافي گنڀير ٿي وئي، جنهن دوران ڪافي خونريزي به ٿي. 1048هه/1638ع ۾ اورنگزيب پنهنجي پيءُ کي بيماريءَ جي بستري تان اُٿاري، قيد ڪري پنهنجي بادشاهت جو اعلان ڪيو ۽ تخت تي قبضو ڪري ويٺو. دارا شڪوه، 7 رمضان 1068هه/ 1658ع تي آگري ۽ دولپور جي وچ ۾ ’سامو ڳڙهه‘ (فتح آباد) وٽ پهرين شڪست کاڌي، جنهن کانپوءِ آگرو ڇڏي عيال سميت دهليءَ کان ٿيندو پنجاب پهتو. اورنگزيب پنجاب تائين سندس پٺيان آيو. دارا شڪوه اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. اورنگزيب بادشاهه، صف شڪن کـي لشڪر سميت سندس پٺيان سنڌ موڪلي پاڻ موٽي ويو. 1658ع ۾ دارا لاهـور پـهتـو، جتي ساڍا ٽي مهينا رهيو. ان وقت لاهور جو صوبيدار سيد غيرت خان هو. دارا وٽ لاهور جي منزل تي ويهه هزار فوج هئي، جنهن وسيلي اورنگزيب جي لشڪر سان منهن ڏيندو، بکر کان سيوهڻ جو رُخ ڪيو. پهرين نومبر 1658ع تي سيوهڻ ويجھو صف شڪن سان سندس مقابلو ٿيو، جنهن ۾ صف شڪن کي هار نصيب ٿي. ائين دارا سيوهڻ کان ٿيندو 13 نومبر 1658ع تي ٺٽي پهتو. روايت آهي ته ”دارا هڪ دفعو اڳ به پيءُ جي دؤر ۾ پيءُ سان ڪاوڙجي ٺٽي آيو هو، ليڪن ٺٽو کيس پسند نه آيو هو ۽ هڪ طرف کان ٺٽي ۾ داخل ٿي ٻئي طرف کان نڪري هليو ويو هو. قاضي ابراهيم ٺٽوي سندس مصاحب هو، تنهن کي حڪم ڏنائين ته ٺٽو ساڙي ڇڏيو. دارا شڪوه جي حڪم تي گھاٽ واري پاسي ۾ چند ڀونگين کي باهه ڏني وئي، جنهن باهه جي تباهيءَ جا نشان مير علي شير جي دؤر تائين موجود هئا، جنهن کي ’سوخته گھاٽ‘ (سڙيل پتڻ) سڏيو ويندو هو. ان بعد دارا ٺٽي کان بدين پهتو، جتان گجرات وڃڻ لاءِ ڪڇ جو رڻ پار ڪيائين. ان بعد اورنگزيب بادشاهه، صف شڪن خان کي سنڌ موڪليل لشڪر هندستان واپس موڪلڻ جو حڪم ڏنو. دارا شڪوه ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ مان ٿيندو، اورنگزيب جي سهري شاهنواز خان جي دعوت تي احمد آباد جي قلعي ۾ اچي داخل ٿيو، جتي هڪ مهينو ست ڏينهن قلعي ۾ ئي رهيو. جتان دارا 22000 لشڪر گڏ ڪري، 14 فيبروري 1659ع تي احمد آباد ڇڏي پنهنجي پيءُ شاهجهان جي آزاديءَ لاءِ اجمير روانو ٿيو. جوڌپور جي راجا جسونت سنگهه کان مدد گھريائين، پر کيس سٺي موٽ نه ملي. 12 مارچ 1659ع تي ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ اجمير ويجھو جنگ لڳي. 14 مارچ تي دارا کي شڪست ملي ۽ سندس لشڪر تباهه ٿي ويو. دارا وري به بکر مان ٿيندو پهرين بدين ۽ اتان پوءِ وري سيوهڻ پهتو، ان دوران دارا جي گهر واري نادره بيگم 6 جون 1659ع تي سيويءَ ڍاڍر ۾ فوت ٿي وئي. هن پنهنجي زال جو لاش خواجه مقبول جي معرفت سيويءَ مان ميان مير سنڌيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ لاءِ لاهور موڪليو. ملڪ جيوڻ، غداري ڪري 9 جون 1659ع تي بولان ڀرسان دارا کي گرفتار ڪيو. 23 آگسٽ 1659ع تي سندس مٿو اگھاڙو ڪري ٻانهون پٺيءَ سان ٻڌي، هاٿيءَ تي چاڙهي دهليءَ شهر جو گشت ڪرائي خواص پور محل ۾ قيد ڪيو ويو.
ساڳيءَ شام جو اورنگزيب خاص درٻار گھرائي، دارا جي قتل جي سزا جو حڪم جاري ڪيو. دانشمند خان سندس جان بخشيءَ لاءِ عرض ڪيو، جيڪا درخواست نامنظور ڪئي وئي. انهيءَ فتويٰ بعد شهر ۾ دارا جي حمايت ۾ جلسا ٿيڻ لڳا، دارا کي گرفتار ڪندڙ ملڪ جيوڻ تي شهرين پاران حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو. ان دوران ڪيترائي افغان به مارجي ويا، سڄي شهر ۾ فسادن جي باهه ڀڙڪي اٿي. اورنگزيب کي خوف هو ته دارا جا حمايتي کيس قيد مان آزاد ڪرائي ويندا، جنهنڪري اورنگزيب جي لشڪر جي اڳواڻ نذر بيگ، دارا شڪوه کي پنهنجي پٽ سپهر شڪوه کان الڳ ڪري، ننڊ مان اٿاري، 30 آگسٽ 1659ع تي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري، اورنگزيب آڏو پيش ڪيو. دارا جو لاش هاٿيءَ تي رکي شهر مان گھمائي همايون جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. دارا شڪوه وڏو عالم، وحدت الوجود جو حامي ۽ وقت جي اهم بزرگ سرمد جو پوئلڳ ۽ ميان مير سنڌيءَ جو مريد هو.
دارا شڪـوه ڪيـتـرا ڪـتاب لکـيـا، جـن ۾: (1) سـفيـنـة الاولـيـاءِ، (2) سڪـيـنـة الاولـيـاء، (3) رســالـه حــق نـمـا، (4) حــسـنـات الـعــارفــيـــن، (5) مجمع البحرين، (6) ترجمه ڀڳوت گيتا، (7) نادر النکات، (8) بياض دارا شڪوه، (9) ديوان- دارا شڪوه ۽ (10) سر اڪبر (ترجمه: اپنشد)، ۽ ڪي ٻيا قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1615.03.20  عيسوي

دارا شڪوه، مغل شهنشاهه شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ اورنگزيب عالمگير جو ڀاءُ هو. سندس پورو نالو محمد داراشڪوه هو، جنهن جو جنم 20 مارچ 1615ع تي خواجه معين الدين چشتيءَ جي نگريءَ اجمير شريف ۾ ساگر تلاءَ جي محل ۾ شاهجهان بادشاهه جي گھر ۾ ٿيو


1659.02.14  عيسوي

دارا 22000 لشڪر گڏ ڪري، 14 فيبروري 1659ع تي احمد آباد ڇڏي پنهنجي پيءُ شاهجهان جي آزاديءَ لاءِ اجمير روانو ٿيو.


1959.08.30  عيسوي

دارا شڪوه کي پنهنجي پٽ سپهر شڪوه کان الڳ ڪري، ننڊ مان اٿاري، 30 آگسٽ 1659ع تي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري، اورنگزيب آڏو پيش ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ محمود اسعد هاليجوي
جمي ڪارٽر
ارباب فيض محمد
هوت خان رند
قاسم پٿر
لقمان کوکر
محمد يوسف سرهيو
رحمت الله سيد
ثاقبه رحيم الدين
ثريا سوز ڏيپلائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون